جتوئي غلام مرتضيٰ خان

جتوئي غلام مرتضيٰ خان

جتوئي غلام مرتضيٰ خان

جتوئي، غلام مرتضيٰ خان: اڳوڻي نگران وزيراعظم رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جو وڏو فرزند غلام مرتضيٰ خان 9 اپريل 1958ع تي ڪراچي ۾ ڄائو. پاڻ ابتدائي تعليم ايڇ. ايم خواجا ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه مان حاصل ڪيائين. ثانوي تعليم حبيب پبلڪ اسڪول ڪراچي، انٽرميڊئيٽ سينٽ پيٽرڪ ڪراچي مان جڏهن ته گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيائين. هن سياسي سفر جي شروعات 1979ع کان ڪئي. 1979ع ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جو چيئرمين چونڊجي آيو، ان سان گڏ پاڻ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي نوابشاهه ۽ ڊويزن ڪوآرڊينيشن سکر جو پڻ چيئرمئن رهيو. هن 1983ع ۾ انهن عهدن تان جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ايم. آر. ڊي جي حق ۾ استعيفيٰ ڏنائين. جمهوري جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ جمهوري تحريڪ جو اڳواڻ ٿي اڀريو. ڪيترائي سال جلا وطنيءَ واري زندگي به گذاريائين. هو پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رهيو، اڳتي هلي پاڻ پ پ جي بنيادي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي 1986ع ۾ نيشنل پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين. 1988ع ۾ جي صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ۾ پاڻ پنهنجي اباڻي تڪ تان کٽي آيو، ان کان اڳ 1988ع واري نگران حڪومت ۾ بلديات جي وزارت جو قلمدان پڻ سنڀاليائين. 1990ع وارين چونڊن ۾ نوابشاهه واري تڪ تان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ نواز شريف ڪابينا ۾ وفاقي وزير مواصلات بڻيو، جنهن تان اڳتي هلي استعيفيٰ ڏنائين. 1993ع ۾ غلام مرتضيٰ خان جتوئي، مير بلخ شير مزاريءَ واري نگران ڪابينا ۾ پاور مئن ۽ اوورسيز کاتي جو نگران وفاقي وزير ٿيو. 1996ع کان 1998ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو ۽ آبپاشيءَ جو وزير بڻيو. 2004ع ۾ سنڌ حڪومت ۾ زراعت ۽ خوراڪ جو صوبائي صلاحڪار بڻيو، کيس صوبائي وزير جا اختيار مليل هئا.
2008ع وارين چونڊن ۾ غلام مرتضيٰ خان جتوئي پنهنجي اباڻي تڪ نوشهروفيروز موري مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. هن وقت پاڻ قومي اسيمبلي جي ’آئيني اصلاحات‘ ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي. 20 نومبر 2009ع تي سندس والد رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس چاليهي جي موقعي تي 3 جنوري 2010ع تي ڪيترن ئي برادرين ۽ علائقي جي ماڻهن گڏجي کيس پڳ ٻڌرائي سربراهه چونڊيو. هي هن وقت نئشنل پيپلز پارٽي پاڪستان جو چيئرمئن آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو